ڀارت ڪا سرجيڪل اسٽرائيڪ ناهي ڪئي، سرحدي ڀڃڪڙي ٿي ته ڀرپور ڪارروائي ڪبي: پاڪستان

اسلام آباد/دهلي(م.د/اين اين آءِ/اي پي پي)  ڀارتي جارحيت ۽ ڪشمير جي صورتحال تي گهرايل پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو. گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت، ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ترين ڀڃڪڙي خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ ۾ عالمي برادري کي ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. متفقه ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت طرفان پاڪستان ۾ سرجيڪل اسٽرائيڪ جي ڀارتي دعويٰ مذمت جوڳي آهي، ڪشمير عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي. پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ برهان واني جي شهادت کان پوءِ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي هٿان شهادتن جو ذڪر ڪندي ڀارت طرفان ظلم بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. ٺهراءَ ۾ ڀارت طرفان پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪندي ڪلڀوشن ياديو جو معاملو عالمي فورمن تي اٿارڻ جو به اعلان ڪيو. ٻئي طرف ڀارت ۾ مقرر پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو آهي ته ڪنٽرول لائن تي ڀارت ڪا سرجيڪل اسٽرائيڪ ناهي ڪئي، ائين هجي ها ته پاڪستان ڀرپور جواب ڏي ها، اڳتي ڀارت ڪنٽرول لائن جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏينداسين. هڪ ڀارتي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڇڪتاڻ نه ٿو چاهي، برهان واني جي جنازي ۾ هزارين ڪشميرين شرڪت ڪري ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي وڌايو آهي. پاڪستان سمورا تڪرار ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، پر ولاريل ڪشمير تي پنهنجي اصولي موقف تي سوديبازي نه ڪندو. هن چيو ته 29 سيپٽرمبر تي ڪا سرجيڪل اسٽرائيڪ نه ڪئي وئي. ڀارت کي اختيار ناهي ته اهو ڪنٽرول لائن تي فائرنگ کي سرجيڪل اسٽرائيڪ جو نالو ڏي.  هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي ايٽمي ۽ عسڪري صلاحيتن تي مڪمل اعتماد آهي. ڀارت وڌيڪ ڀڃڪڙيون ڪيون ته پاڪستان جواب ڏيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ عبدالباسط چيو ته هي پهريون ڀيرو ناهي جو سارڪ ڪانفرنس ملتوي ٿي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار آهي. ڀارت هر دهشتگرد حملي جو الزام تڪڙ ۾ پاڪستان تي هڻي ڇڏي ٿو. صورتحال کي حقيقت پسنداڻي طريقي سان ڏسڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي زمين ڪڏهن دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *