ڀارت کي ڳالهين جي آڇ، جواب ڏيڻ مجبوري هئي، مودي امن کي موقعو ڏئي: عمران خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي اجلاس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آرمڊ فورسز جي فوري ايڪشن جي تعريف ڪندي حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڀارت کي دراندازي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشڻل ڪمانڊ اٿارٽي جو اجلاس وزير اعظم آفيس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ ٻيون اختياريون شريڪ ٿيون جڏهن ته پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بچاءَ وراي وزير پرويز خٽڪ، ناڻي واري وزير اسد عمر ۽ دفاعي پيداوارا جون اختياريون به شريڪ ٿيون. اجلاس ۾ ڪمانڊ اٿارٽي جي ميمبرن، وزيرن، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور، ڊي جي ايس پي ڊي به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ جوهري صلاحيت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ ڀارت طرفان هوائي دراندازي سان پيدا ٿيل صورتحال غور هيٺ آئي. نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي جي اجلاس ۾ وزير اعظم کي بروقت ري ايڪشن تي بريفنگ ڏني وئي ۽ ڀارتي جهاز جي دراندازي بابت ڪيترين ئي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. ذريعن موجب وزير اعظم هڪ ڀيرو ٻيهر آرمڊ فورسز جي فوري ايڪشن جي تعريف ڪئي ۽ حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڀارت کي دراندازي جو جواب ڏيڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا پر فيصلن تي عملدرآمد کان پهرين وزير اعظم قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ذريعن موجب امن جي ڪري ڳالهين جو آپشن آخري وارننٽ طور استعمال ڪرڻ جا امڪان آهن جڏهن ته ڀارتي هٽ ڌرمي جي نتيجي ۾ غير معمولي فيصلن تي عملدرآمد ٿيندو.ٻئِ طرف  وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪالهه کان جيڪا صورتحال هئي ان تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيان پيو. وزيراعظم چيو ته پلوامه حملي کانپوءِ ڀارت کي هر قسم جاچ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، عمران خان چيو ته سڌي ريت آڇ ڪئي ته پاڪستان ڪنهن به طرح جي جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اهو پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي ته اسان جي زمين استعمال ڪئي وڃي، اسان کي جاچ ۾ ڪو به مسئلو نه هو، اسان تيار هئاسين پر مونکي خدشو هو ته ان باوجود ڀارت ڪو نه ڪو ايڪشن کڻندو، تنهنڪري چيو هو ته جواب ڏيڻ اسان جي مجبوري هوندي ڇاڪاڻ ته ڪو به خودمخيار ملڪ ڪنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ اچي ڪارروائي جي اجازت نٿو ڏئي ۽ پاڻ ئي منصب بڻجي فيصلو به ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته مونکي خدشو انڪري هو ته ڀارت ۾ چونڊون آهن، انڪري کين چيو ته جواب ڏيڻو پوندو.  وزيراعظم ٻڌايو ته منهنجي ٽنهي هٿياربند فوج جي سربراهن سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ڪالهه انڪري ايڪشن نه کنيو ته گذريل صبح جڏهن ايڪشن ٿيو هو ته اسان پوري طرح نقصان بابت آگاهه نه هئاسين. تنهنڪري جيستائين خبر پئي ها ته ڪو به ايڪشن کڻڻ غير ذميواري هجي ها، ان لاءِ اسان انتظار ڪيو ۽ فوج اڄ ايڪشن ڪيو، اسان جو اڳواٽ منصوبو هو ته ان ايڪشن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿئي رڳو ڀارت کي اهو ٻڌايون ته اسان ۾ به صلاحيت آهي، جيڪڏهن اوهان اچي سگهو ٿا ته اسان به اوهان ڏانهن اچي ڪارروائي ڪري سگهون ٿا.  عمران خان به ڀارت جي 2 مِگ جهان جي بارڊر تي انگيجمنٽ ۽ انهن جي تباهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڀارت جن ٻن پائليٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته اسان هٿان کان ڪاڏي وينداسين، تنهنڪري ڀارت کي چوان ٿو ته هتي عقل ۽ حڪمت عملي تمام گهڻو ضروري آهي، دنيا ۾ جيتريون به جنگيون ٿيون سڀني جنگن ۾ غلط اندازا لڳا، ڪنهن به نه سوچو ته جنگ شروع ڪري ڪاڏي وينداسين، پهرين عالمي جنگ مهينن بدران سالن ۾ ختم ٿي، ٻي عالمي جنگ ۾ به ائين ٿيو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا سوچو به نه هو ته هن کي 17 سال افغانستان ۾ ڦاٿل رهڻو پوندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *