
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم چيو اهي ته ڀارت کي ناهي کيڏڻو ته صاف ٻڌائي خاموشي صحيح نه آهي، ڪرڪيٽ نه کيڏڻ سان دهشتگردي ختم نه ٿيندي، پاڪ ڀارت سيريز جي احتمام نه ٿيڻ تي ڀارت ۾ شيڊول ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو پاڪستان جي مفاد ۾ نه هوندو، ٽيم جي ڪوچ ۾ رانديگرن کي سمجهڻ جي صلاحيت هئڻ گهرجي، هن چيو ته ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي حوالي سان پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري، ها يا انڪار ۾ جواب ڏيڻ گهرجي، خاموشي مناسب نه آهي، معاملو هتي ختم ٿي وڃي ته بهتر آهي، جيڪڏهن ڀارت نٿو کيڏڻ چاهي ته اسان تي ڪو فرق نٿو پوي، هڪ سوال تي اڳوڻي ڪپتان چيو ته يونس خان هڪ سٺو رانديگر ۽ سچو انسان آهي.