ڀارت کي پاڪستان خلاف پراڪسي ويڙهه بند ڪرڻي پوندي: پرويز مشرف

ڪراچي(م.ڊ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته ڀارت کي پاڪستان خلاف پراڪسي ويڙهه بند ڪرڻي پوندي، ٻنهي ملڪن جا اڳواڻ ڪمشير تڪرار گڏجي حل ڪن.ڀارتي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پرويز مشرف چيو ته پاڪستان برما نه آهي، پاڙيسري ملڪ ايئن سمجهيو ته هو برداشت نه ڪندا.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ائٽمي طاقت آهي، ڀارت حملو ڪرڻ جي همت نه ٿو ڪري سگهي.پرويز مشرف چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي هڪ پاسي پاڪستاني وزيراعظم کي دعوت ڏي ٿو ته ٻئي طرف پاڪستان خلاف بيان ڏيندو آهي.پرويز مشرف چيو ته نريندر مودي انتهاپسند تنظيم آر ايس ايس جو نمائندو آهي، ساڳي تنظيم سجمهوتا ايڪسپريس حملي جي ذميواري قبولي هئي.هن چيو ته نريندر مودي بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجهه چيو، پاڪستاني شهرين کي اهو قبول نه آهي، ڀارتي وزيراعظم پاڻ ڳالهين کي ڏکيو بڻائي رهيو آهي.پرويز مشرف چيو ته ڪمشير بابت پاڪستان جو موقف واضح آهي، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن کي گهرجي ته گڏجي مسئلو حل ڪن.سندس چوڻ هو ته ڀارت افغانستان ۾ داخل ٿي ان کي غير مستحڪم بڻايو، هاڻي پاڪستان خلاف پراڪسي ويڙهه ڪري رهيو آهي.پرويز مشرف چيو ته پاڪستان وٽ پڪا ثبوت آهن ته را جا ايجنٽ افغانستان مان داخل ٿين ٿا، بهتر آهي ته نريندر مودي مداخلت ختم ڪري.اڳوڻي صدر چيو ته پاڪستان کي افغانستان جي اڳوڻي صدر حامد ڪرزئي تي به اعتبار نه آهي.ان کان اڳ هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ پرويز مشرف چيو ته نائن زيرون تان  گرفتار ڪيل دهشتگرد هئا، سندس ايم ڪيو ايم جي قيادت سنڀالڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.اڳوڻي صدر چيو ته ڪراچيءَ ۾ 12 مئي تي طاقت ڏيکارڻ جو هن نه چيو هو.پرويز مشرف چيو ته 12 مئي جي قتل عام جون ذميوار ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ ٻيون پارٽيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *