ڀارت کي روهت شرما جي سنچري ڪم  نه آئي،آسٽريليا پهرين ون ڊي ۾ 5 وڪيٽن تان ڪامياب

پرٿ (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت پاران مليل جبل جيڏو اسڪور رڳو 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري پهرين ون ڊي ميچ ۾ کيس مات ڏئي ڇڏي.رپورٽ مطابق پرٿ جي گرائونڊ تي کيڏي ويندڙ ميچ ۾ مهمان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ روهت شرما جي 171 رنسن جي مدد سان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون،جنهن جي جواب ۾ آسٽريليا 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي شروعات  خراب رهي ۽ اوپنر جوڙي 21 رنسن جي گڏيل اسڪور تي پويلين موٽي وئي.ايرون فنچ 8 ۽ ڊيوڊ وارنر 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا،جنهن کانپوءِ ڪپتان اسٽيون سمٿ ۽ جارج بيلي ٽئين وڪيٽ تي 242 رنسن جي ڀائيواري جوڙي ۽ ڀارت کان کٽيل ميچ کسي ورتي.ميزبان ٽيم آسٽريليا جو گڏيل اسڪور جڏهن 263 تي پهتو ته جارج بيلي 112 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو،جنهن کانپوءِ ميڪسويل 6 رنسون ٺاهي روي چندرن ايشون جو شڪار ٿي ويو،پرڪپتان ڄميو رهيو ۽ 135 بالن تي 149 رنسون ٺاهي آخري اوور  ۾ آئوٽ ٿي ويو.جڏهن ته شان مارش 12 ۽ جيمس فالڪنز بنا ڪنهن رنس جي آئوٽ ٿي ويو،ڀارت پاران بريندرا سرن 3 ۽ روي چندرن ايشون 2 وڪيٽون وٺي سگهيو.ان کان پهريان مهمان ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آسٽرليا جي بالنگ اٽيڪ کي تباهه ڪندي مقرر 50 اورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون،اوپنر بيٽسمين  روهت شرما 171 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو،جنهن ۾ هُن 7 ڇڪا ۽ 13 چوڪا هنيا،جڏهن ته شيڪر ڌون 9،ويرات ڪوهلي 91 ۽ ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني 18 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا.آسٽريليا پاران جيمس فالڪنز 2 ۽ جوش هيزلي ووڊ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.ياد رهي ته آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل سيريزجي پهرين ميچ ميزبان ٽي م کٽي مهمان ٽيم مٿان ٻُڙيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ جي برتري حاصل ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *