ڀارت کي ”را“ ايجنٽ تائين رسائي ڏيڻ کان جواب، پاڪستان ايران کان به وضاحت گهري ورتي

اسلام آباد (م.ڊ/بيورو/اي پي پي) پاڪستان ڀارت کي بلوچستان مان گرفتار ”را” ايجنٽ ڪل ڀوشن ياديو تائين رسائي ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، خابرو ادارن موجب ڀارتي پرڏيهي وزارت پاڪستاني پرڏيهي وزارت کي خط اماڻيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڀارت کي ڪل ڀوشن ياديو تائين رسائي ڏني وڃي، جڏهن ته پاڪستان پاران صاف جواب ڏنو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان موقف ڄاڻايو آهي ته ڪل ڀوشن ياديو وارو معاملو صرف جاسوسي تائين محدود نه آهي پر هو دهشتگردي ۽ بغاوت جي ڪاررواين ۾ ملوث هيو، جڏهن هو بلوچستان ۽ ڪراچي کي پاڪستان کان جدا ڪرڻ وارين سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي، پاڪستان پاران ڀارت کي چيو ويو آهي ته ڪل ڀوشن جي بيان کانپوءِ هر ڳالهه واضح ٿي وئي آهي، تنهن لاءِ ان صورتحال ۾ ڀارت کي ڪل ڀوشن ياديو تائين رسائي نه ڏني ويندي، ٻئي طرف پاڪستان، ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن يادَو جي انڪشافن کانپوءِ ملڪ اندر “را” جي نيٽ ورڪ خلاف جاچ لاءِ ايران کان مدد گهري ورتي آهي، پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪلڀوشن جو اعترافي بيان دنيا ٻڌو ۽ ڏٺو، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڪلڀوشن جي گرفتاري ۽ انڪشافن بابت ايران سان رابطي ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان مان را“ جي ايجنٽ ڪلڀوشن جي گرفتاري ۽ سندس انڪشافن کانپوءِ پاڪستان ايراني حڪومت کي خط لکي 6 معاملن ۾ سهڪار گهري ورتو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سمورا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڪل ڀوشن جي ايران ۾ سرگرمين بابت وضاحت ڪئي وڃي. پاڪستان چيو آهي ته ايران وضاحت ڪري ته گرفتار ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديوو جي ايران ۾رهائش واري هنڌ ۽ تاريخ بابت آگاهه ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته ڀارت مسلسل پاڪستان ۾ مداختل ڪري رهيو آهي، ڀارتي ايجنسي را” جي آفيسر ڪلڀوشن جي گرفتاري اهم ڪاميابي آهي، عالمي برادري کي پاڪستان اندر ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. نفيس ذڪريا چيو ته ڀارتي ڳجهي اداري را” جي آفيسر ڪلڀوشن ياديوو جو وڊيو اعترافي بيان دنيا ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، جڏهن ته ڪلڀوشن پاران ڪيل انڪشافن جي سمورن رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي مداخلت جا ثبوت گڏيل قومن آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، عالمي برادري کي ڀارتي مداخلت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، سموري قوم انتهاپسندن خلاف جنگ ۾ متحد آهي. نفيس ذڪريا چيو ته ڪلڀوشن جي نشاندهي تي سموري ملڪ ۾ ڪارروائيون ڪري ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو، اسلام آباد پنهنجي دفاع لاءِ هر مثبت قدم کڻڻ کان نه گهٻرائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *