ڀارت کان ٻوڏ جو پاڻي نه پيو اچي، سنڌ مان هن سال ساڍا 7 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نه گذرندو: وڏو وزير

سکر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خيرپور ضلعي جي حساس قرار ڏنل اُلرا جاگير بند سميت مختلف ڪچي جي علائقن ۽ بندن جو تفصيلي دورو ڪندي چيو آهي ته ڀارت کان ٻوڏ جو پاڻي ڪونه پيو اچي، سنڌ مان ساڍا 7 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نه گذرندو، شينڪ بند تي صورتحال خراب هئي، جنهن کي پاڪ فوج جي مدد سان ڪنٽرول ۾ ڪيو ويو، هاڻوڪي ٻوڏ کي به رواجي نه ٿا سمجهون، بندن جي مضبوطي ۽ نگراني لاءِ 24 ڪلاڪ حڪومتي مشينري ڪم ڪري رهي آهي، عوام کي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن اهڙو اظهار اُلرا جاگير بند تي آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران بريفنگ ملڻ ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان ورهائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته حڪومت آبپاشي، زراعت، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ٻوڏ ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ ئي رٿابندي ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ڪٿي به ڪو موت جو واقعو پيش نه آيو آهي ۽ سڄي حڪومتي مشينري ڏينهن رات بندن جي حفاظت ۽ عوام کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائڻ ۾ مصروف آهي. سيد قائم علي شاهه چيو ته هن وقت سنڌودرياهه ۾ ننڍي ٻوڏ آهي، ڀارت کان ٻوڏ جو پاڻي نه پيو اچي، تربيلا، ڪابل ندي ۽ ٻين پاڪستان جي درياهن ۽ مٿانهن علائقن مان پاڻي سنڌودرياهه ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ اندازو آهي ته سنڌ مان ساڍا 7لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي نه گذرندو، ساڍا 7 لک ڪيوسڪ به هاءِ فلڊ هوندي، جيڪڏهن ان کان پاڻي وڌي ويو ته پوءِ سُپر فلڊ تصور ڪئي ويندي، تنهن هوندي به هاڻوڪي ٻوڏ کي رواجي نٿا سمجهون، بندن جي صورتحال بهتر آهي گهوٽڪي جي شينڪ بند تي صورتحال خراب هئي، جنهن کي پاڪ فوج جي مدد سان ڪنٽرول ۾ ڪيو ويو آهي ۽ بند جي مضبوطيءَ جو ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته 2010ع ۾ اُلرا جاگير بند کي خطرو هو ۽اُن وقت بند 12 فوٽ هو، پر اسين اُلرا جاگير بند کي جديد نموني سان 18 فوٽ بيهاريو آهي ۽ هاڻي بند ويڪرو ۽ مضبوط آهي تنهنڪري ڪو به خطرو نه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته اُلرا جاگير بند تي ٺهندڙ ٽن اسپرس جو ڪم 40 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي باقي ڪم 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو، ڪم مان مطمئن هئڻ يا نه هئڻ بابت ڪم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ئي ٻڌائي سگهجي ٿو، اسڪيم لاءِ پئسا ڏئي ڇڏيا آهن, سنڌ سرڪار وٽ فنڊن جي ڪابه کوٽ نه آهي جيڪڏهن ڪٿان به ڪرپشن جي شڪايت ملي ته جاچ ڪنداسين. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته ڪچي جي اُنهن جهونن ماڻهن ملاقات ڪري اسپرس جي ڪم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي جيڪي اهو به ٻڌائي سگهن ٿا ته ٻوڏ ڪڏهن ۽ ڪيتري ايندي ۽ هاڻي پاڻي ڪيترو آهي، پوءِ ڪنهن کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪچي جي ٻُڏل علائقن مان 26 سئو ماڻهن کي پاڪ نيوي جي موٽر بوٽس جي مدد سان ڪڍي محفوظ ماڳن تي پهچايو ويو آهي، جڏهن ته بچاءَ بندن تي رليف ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي کاڌي پيتي کان وٺي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، ضلعي ۾ 72 هزار ڍورن کي ويڪسين ڪئي وئي آهي. چيف انجنيئر سکر بئراج ولي محمد نائچ بريفنگ ڏني ته اُلرا جاگير تي ٽن اسپرس جو 40 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، باقي ڪم 6 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، اُلرا بند وٽ پاڻي جي گيج 5 ڏهائي هڪ آهي، بچاءَ بندن تي پٿر جو اسٽاڪ موجود آهي آفيسر ۽ عملو ڏينهن رات نگراني ۽ بندن جي مرمت ۾ مصروف آهي. ان موقعي تي وڏي وزير ڪچي جي رهواسين سان ملاقات دوران سندن مسئلا ٻڌا ۽ انتظاميه کي هدايت ڪئي ته ٻوڏ جي علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ وڌيڪ بوٽس فراهم ڪيون وڃن جڏهن ته متاثرن کي خيما ۽ ٻيو سامان پڻ فراهم ڪيو وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير ڪچي کان لڏپلاڻ ڪري بندن تي پهتل ماڻهن ۾ راشن جا ٿيلها ۽ ٻيو سامان ورهايو ۽ پاڪ نيوي جي اهلڪارن پاران ڪچي جي علائقن مان ريسڪيو ڪيل ڪچي واسين سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت کين اڪيلو نه ڇڏيندي کين هر سهولت ڪيمپن ۾ ڏني ويندي. بعد ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اوڍا ڳوٺ وڃي پنهنجي ويجهي ساٿي حاجي ميرل اوڍو جي وفات تي سندس پُٽ محمد خان اوڍو سان عذرخواهي ڪئي ۽ فاتحه پڙهي، جڏهن ته وڏي وزير ان موقعي تي ڳوٺاڻن جا مسئلا ٻڌا ۽ مختلف درخواستن تي موقعي تي ئي حڪم جاري ڪيا. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سيد جاويد شاهه جيلاني، امجد شاهه جيلاني، ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ، پولٽيڪل سيڪريٽري لعل بخش منگي، مظهر خان ۽ ٻيا موجود هئا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *