ڀارت چين ۽ پاڪستان جي وڏي ڊرون طاقت کان ڊڄي ويو، اسرائيل کان ڊرون جهاز خريد ڪرڻ جو فيصلو نئين دهلي (م.ڊ) ڀارت چين ۽ پاڪستان جي وڏي ڊرون پاور کان ڊڄي اسرائيل کان ڊرون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارت پاران اهڙو فيصلو ان وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن پاڪستان پاران آرمڊ ڊرون کي ضرب عضب ۾ استعمال ڪيو ويو ،جنهن سان 3 هاءِ پروفائل دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو، ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارتي فوج پاران حڪومت کي خط لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اسرائيل کان ڊرون جهازن جي خريداري واري عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڀارت پهريان ئي اسرائيل کان يو اي وي جون خدمتون حاصل ڪيون آهن، جنهن کي ڪشمير ۽ چين جي تڪراري سرحد تي نگراني لاءِ لڳايو ويو آهي، هلندڙ مهيني ڀارتي حڪومت اسرائيل کان 10 هيرون ٽي پي ڊرون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن ۾ جديد هٿيار لڳائي ويڙهه لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو،  ان ٺاهه تي 4 ڪروڙ ڊالر خرچ ايندو.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي قرباني جي کلن بابت ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيون آهي جنهن تحت عيدالاضحيٰ جي ٽنهي ڏينهن دوران هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئکي آهي. گهرو کاتي پارانجاري ڪيل ضابطه اخلاق موجب کلون گڏ ڪرڻ لاءِ ڪمشنر يا لاڳاپيل ڊي سي کان لکت ۾ اجازت حاصل ڪرڻي پوندي، رجسٽرڊ تنظيمن ۽ ديني مدرسن کي کلون گڏ ڪرڻ جي اجازت هوندي، پوسٽرز يا بينرز ذريعي کلون گهرڻ ۽ ڪيمپ لڳائڻ جي اجازت نه هوندي. ضابطه اخلاق ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي گهر گهر وڃي ڪنهن کان زبردستي کلون جمجع ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، ماڻهو پاڻ جتي به کلون ڏيڻ چاهي اُتي پنهنجي مرضيءَ سان ڏئي سگهي ٿو. سنڌ جي گهرو کاتي موجب کلن جي منتقلي جو ڪم ڪندڙ رضاڪارن لاءِ شناختي ڪارڊ، اداري جو رڪارڊ، اجازت نامي سان گڏ رکڻ ضروري آهي، ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي ڪندڙن کان کلون ضبط ڪيون وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *