ڀارت پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ٺوس ثبوت آمريڪا حوالي ڪيا آهن: سرتاج عزيز

واشنگٽن (اي پي پي) وزير اعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ملوث آهي جنهن جا ٺوس ثبوت آمريڪي اختيارين حوالي ڪيا آهن. اميد آهي ته عالمي برادري ڀارتي مداخلت تي هاڪاري قدم کڻندي.آمريڪا ڪشمير کي مسئلو نه پر تڪرار قرار ڏنو آهي جيڪو ڀارت لاءِ واضح اشارو آهي.اهڙو اظهار هن واشنگٽن ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪا تسليم ڪيو آهي ته خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل انتهائي ضروري آهي. مجموعي طور تي وزير اعظم محمد نواز شريف جو آمريڪي دورو ڪامياب رهيو. وزير اعظم محمد نواز شريف ۽ آمريڪي صدر بارڪ اوباماسمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي جيڪو سٺوسنئوڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل 2 سالن ۾ پاڪستان جي آمريڪا سان ناتن ۾ بهتري آئي آهي. گذريل 2 سالن ۾ معطل ورڪنگ گروپس جا اجلاس به ٿيا آهن. دنيا اهو به تسليم ڪيو آهي ته پاڪستان جو ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نظام مضبوط آهي. هن چيو ته پاڪستان جا ايٽمي هٿيار محفوظ آهن ۽ انهن جي فول پروف هجڻ جو آمريڪا به تسليم ڪيو آهي.پاڪستان دهشتگردي خلاف جامع قدم کنيا آهن جڏهن ته ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي کي به روڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجي سرزمين کي ڪنهن به ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. پاڪستان دهشتگردي ۽ انتها پسندي کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو جنهن سان دهشتگردن جي صلاحيت ختم ٿي وئي آهي. ڪامياب آپريشن ضرب عضب جي سڄي دنيا واکاڻ ڪئي آهي. نواز – اوباما گڏيل پڌرنامو ان جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ اڄ به نيشنل ايڪشن پلانتحت ڪارروائيون جاري آهن جڏهن ته پاڪستان جي هڪ لک 90 هزار فوج قبائلي علائقن ۾ مقرر آهي.آمريڪي دوري دوران اسان کي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي ڀارت بابت هئي ڇاڪاڻ ته ڀارت لائين آف ڪنٽڙول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي لڳاتار ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي. ان کان علاوه ڀارت جي پاڪستان ۾ مداخلت تي به اسان کي ڳڻتي آهي جنهن جي متعلق آمريڪي اختيارين کي آگاهه ڪيو آهي. آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي جنهن جا ٺوث ثبوت آمريڪا حوالي ڪيا آهن. هاڻي اميد آهي ته عالمي برادري ڀارتي مداخلت تي هاڪاري قدم کڻڻدي. ڪشمير جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سرتاج عزيز چيو ته ڪشمير جي حوالي سان پاڪستاني موقف کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو ويو جنهن تي آمريڪا تسليم ڪيو آهي ته خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي. آمريڪا ڪشمير کي مسئلو نه پر تڪرار قرار قرار ڏنو آهي. آمريڪا طرفان ڪشمير کي تڪراري چوڻ ڀارت لاءِ واضح اشارو آهي. آمريڪا ڀارت سان ڪشمير سميت سمورن معاملن جي حل تي پڻ زور ڀريو آهي. هن چيو ته ڀارت شملا معاهدي جي پاسداري ناهي ڪري رهيو ۽ ورڪنگ بائونڊري ۽ لائين آف ڪنٽرول تي لڳاتار ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان ايل او سي تي ڀارتي جارحيت جو هاڻي به ڀرپور جواب ڏئي رهيو آهي، افغانستان ۾ مفاهمتي عمل جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ماضيءَ ۾ به افغان مفاهمتي عمل ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي آمريڪا به تعريف ڪئي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ مفاهمتي عمل جي حوالي سان آئنده به هاڪاري ڪردار جاري رکندو، ڇاڪاڻ ته افغانستان ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل حدف آهي، پاڪستان آمريڪا کي ٻڌايو آهي ته افغانستان ۾ امن لاءِ ڳالهين جي واٽ اپنائڻي پوندي ۽ افغانستان ۾ امن ڳالهين سان ئي ممڪن آهي، ماضيءَ ۾ پاڪستان افغان اختيارين ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين لاءِ گهڻيون ڪوششون ڪيون پر ملا عمر جي موت جي خبر سان افغان مذاڪراتي عمل ثبوتاز ٿيو، هاڻي افغانستان ۾ ڳالهيون ٻيهر شروع ڪرائڻ جو عمل آسان ناهي پر ناممڪن به نه آهي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار جو چوڻ هو ته پاڪستان جا ايٽمي هٿيار پوري ريت محفوظ آهن، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آمريڪي مارڪيٽ تائين رسائي جي حوالي سان آمريڪي اختيارين سان ڳاليهون ٿيون آهن، جنهن جو مقصد واپاري ناتن ۾ اضافو آهي، هن چيو ته توانائي بحران جي خاتمي لاءِ به آمريڪا سان 3 هزار ميگاواٽ جي رٿائن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته آمريڪا پاڪستان ۾ جاري توانائي رٿائن ۾ به سهڪار ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *