ڀارت پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ سڌوسنئون ملوث آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ سڌوسنئون ملوث آهي هن امن قدمن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پاڪستان نيو ڪليئر سپلائر گروپ ۾ پنهنجي درخواست تي بنا فرق جي ڳالهه ڪري ٿو خطي ۾ امن لاءِ ڪشمير مسئلو جو حل تمام ضروري آهي اڱاري تي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ تعاون بابت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز چيو آهي ته پاڪستان جي امن ڪوششن باوجود ڀارت ڪنٽرول لائين تي جنگبندي جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڪشمير پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پرامن لاڳاپن ۾ مسئلو آهي ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي ۽ والاريل ڪشمير جي عوام کي ان جي حق ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي خطي ۾ امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو حل نهايت ضروري آهي سرتاج عزيز چيو ته صرف ڀارت جي گروپ ۾ شموليت سان خطي ۾ طاقت جو توازن بري طرح متاثر ٿي سگهي ٿو بدقسمتي سان بين الاقوامي برادري ان کي درپيش چئلينجز کي نه سمجهي رهي آهي پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جي لاءِ ڪوششون ڪيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *