ڀارت پاڪستان ۾ پراڪسي وار ڪري رهيو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) دفاع جي وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان تي پراڪسي وار ڪري رهيو آهي، تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ عليحدگي پسند تحريڪن کي ڀارتي مدد جا ثبوت عالمي فورم تي پيش ڪنداسين، وفاقي وزير نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان کي ڀارتي مدد جون شاهديون عالمي فورم تي ڏيکارينداسين، بلوچ عليحدگي پسند تحريڪن کي به ڀارت جي حمايت حاصل آهي، انهن جا ثبوت به عالمي فورم تي پيش ڪيا ويندا، ايم ڪيو ايم جا ڀارتي سان گٺ جوڙ جا ثبوت مليا ته اهي به عالمي فورم تي پيش ڪيا ويندا، هن چيو ته اسان جي دفاعي صلاحيت ۾ موجود نيو ڪليئر آپشن رڳو ڏيکارڻ جي لاءِ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *