ڀارت پاڪستان ۾ افغانستان ذريعي دهشتگردي ڪري رهيو آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڀارت افغانستان جي ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪابل سرڪار سان ڪيترائي ڀيرا معاملو اٿاريو ويو آهي.  اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو سلسلو ڪيتري ئي عرصي کان جاري آهي، هلندڙ هفتي 15 معصوم ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو. هن چيو ته عالمي برادري معصوم ڪشميرين جي قتل عام کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڀارت اڪثريتي ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن، پاڪستان دهشٽگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڪشمير بابت گڏيل قومن جي ٺهرائن کي 70 سال گذري ويا آهن، ڀارت امڪاني راءِ شماري جي نتيجن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو تنهن ڪري عالمي برادري ڀارتي چالن جو نوٽيس وٺي.  هن چيو ته 2017ع ۾ ايل او سي جي ڀڃڪري 500 کان وڌيڪ ڀيرا ڪئي وئي، اها ڀارت جي هڪ چال آهي ته ڪشمير ۾ اسناني حقن جي لتاڙ تان ڌيان جي نظر هٽائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته 2018ع ۾ سي پيڪ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سي پيڪ منصوبي کي پلاننگ ڪميشن ڏسي رهي آهي، جيڪو مرحليلوا مڪمل ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *