ڀارت پاڪستان مخالفت ۾ ڪرڪيٽ کي نقصان پهچائي رهيوآهي: بسمه معروف

 

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف چيو آهي ته انگلينڊ خلاف سيريز جي تياري جاري آهي، سيريز ڪنهن چيلينج کان گهٽ ناهي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بسمه معروف چيو ته انگلينڊ سان سيريز آسان ناهي هوندي، اهي ميچز آءِ سي سي چيمپئن شپ جو حصو آهن، جن ۾ پوائنٽس جو وڏي اهميت هوندي آهي. بسمه معروف ٻڌايو ته پاڪستان کي آءِ سي سي چيمپئن شپ جي ٽاپ فور ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ رڳو هڪ پوائنٽ جي ضرورت آهي. هن چيو ته انگلينڊ خلاف سيريز ملائيشيا ۾ ٿي رهي آهي، اميد آهي ته آئنده سيريز پاڪستان ۾ ٿيندي. بسمه معروف چيو ته ڀارت خلاف به سيريز کيڏڻ چاهيون ٿا، پر ڀارت انڪار ڪري ريهو آهي، جنهن سان ڪرڪيٽ کي نقصان ٿي رهيو آهي. اڳوڻي ڪپتان ثناءَ مير بابت بسمه معروف چيو ته سيريز کان هٿ کڻڻ ثنا مير جو ذاتي فيصلو آهي، سيريز ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.