ڀارت پاڪستان جي معاشي ۽ سياسي عدم استعحڪام جي سازشن ۾ ملوث آهي: راجا محمد فارق حيدرخان

لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم آزاد ۽ ڄمون ڪشمير راجا محمد فاروق حيدرخان چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي عدم استحڪام جي سازشن ۾ ملوث آهي ڀارت سي پيڪ منصوبي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ منفي پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي پر ڀارت جي تمام ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو ويندو مودي جنگي جنون ۾ مبتلا آهي ڀارتي حڪمرانن جي جارحاڻي بيانن ان نيوڪليئر خطي جي امن کي داءُ تي لڳايو آهي سي پيڪ منصوبو پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي ۾ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان معاشي ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون طئي ڪندو مضبوط مستحڪم ۽ جمهوري پاڪستان ڪشميرين جي بهتر انداز ۾ وڪالت ڪري سگهي ٿو وزيراعظم نوازشريف کي لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن کان ڪشميري جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير اشو کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ خراج تحسين پيش ڪيون ٿا پاڪستان ڪشميرين جي منزل آهي والاريل ڪشمير ۾ جاري تحريڪ دراصل تحريڪ تڪميل پاڪستان آهي. ان تحريڪ لاءِ 6 لکن کان وڌيڪ ڪشميرين پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو آهي. ڀارت جي قابض حڪمران هاڻي وڌيڪ عرصو ان تحريڪ جو رستو نٿا روڪي سگهن. هن چيو ته پرنٽ ۽ اليڪترانڪ ميڊيا جا ٿورائتا آهيون جو والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم کي اجاگر ڪري رهي آهي. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي سڄي قيادت کي اپيل ڪئي ته هو تحريڪ آزادي جي ان مرحلي ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *