لاهور(اسپورٽس نيوز) ڀارت پاڪستان جي قومي والي بال ٽيم کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،تفصيل مطابق پاڪستان جي قومي والي بال ٽيم کي ڀارت ۾ ٿيندڙ والي بال چيئمپن شپ ۾ شامل ٿيڻو آهي.جڏهن ته ڀارت ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڀارت ويزا جاري نه ڪئي ته پاڪستان جي والي بال ٽيم اڄ ڀارت نه وڃي سگهندي ۽ قومي ٽيم چيئمپن شپ ۾ شامل نه ٿي سگهندي.