ڀارت پاڪستان جي ساهه جي رڳ ۾ هٿ وجهي، غيرت ۽ عزت کي للڪاريو آهي، اسان کي ان جا هٿ وَڍڻ گهرجن: شهباز شريف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي ساهه جي رڳ ۾ هٿ وڌو آهي، اسان کي ان جا هٿ وَڍڻ گهرجن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته 71 ورهين ۾ ڪنهن جي به جرئت نه هئي ته ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري پر مودي اهو ڪري ڇڏيو، مودي سرڪار رڳو ڪشميرين کان حق ناهن کسيا پر پاڪستان جي غيرت ۽ عزت کي للڪاريو آهي، گڏيل قومن جي مُنهن تي چماٽ هنئي آهي ۽ سڄي مهذب دنيا کي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاريو آهي. سندس چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ نسل ڪشي جو خطرو آهي، اتي ماڻهن کي گهرن ۾ نظربند ڪيو ويو آهي، ڪشمير جي صورتحال تي خاموش نٿا ويهي سگهون، ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ٿي چڪو آهي ان تي روايتي مذمت ۽ گڏيل ٺهرائن سان ڪم نه هلندو، اسان کي ٺوس فيصلو ڪرڻو پوندو ته جيئن دشمن کي خبر پئجي سگهي ته اسان خاموش نٿا ويهي سگهون، اسان چوڙيون ناهن پاتيون، اسان وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، هاڻ ڪشمير جي معاملي تي ڄمي بيهڻ گهرجي، ڀارت پاڪستان جي ساهه واري رڳ ۾ هٿ وڌو آهي، ڀارت جا هٿ وَڍڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان جو واسطو ڪشمير جي وجود سان آهي، پاڪستان ڪشميرين جو آهي ۽ ڪشميري پاڪستان جا آهن، وزيراعظم تاريخي حوالي سان ڳالهه ڪئي پر پي ٽي آءِ حڪومت جي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڀارتي قدم تي پاليسي ۽ ان جو جواب ڪٿي آهي؟ اپوزيشن صبح 11 وڳي کان ايوان ۾ آهي پر وزيراعظم عمران خان دير سان پهتو، اهو ٻڌايو ته اپوزيشن سنجيده ناهي يا عمران خان؟ شهباز شريف چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان کي پاڙيسري ملڪن سان عزت ۽ وقار وارا لاڳاپا قائم ڪرڻا آهن، اسان جون ڀارت سان 3 جنگيون ٿيون، وزيراعظم جي ٽرمپ سان ملاقات ٿي، آمريڪي صدر چيو ته مودي ڪشمير تي ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي آهي، ڀارت خاموشي سان نه رڳو ان آڇ کان انڪار ڪيو پر ان کي ڪشمير ۾ جيڪو ڪرڻو هو اهو ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *