ڀارت پاڪستان تي حملن لاءِ دهشتگردن کي تربيت ڏئي رهيو آهي: پرويز مشرف

لنڊن(م.ڊ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف چيو آهي ته ڀارت پاڪستان تي حملن لاءِ دهشتگردن کي تربيت ڏئي رهيو آهي، اڳوڻي صدر خبردار ڪيو ته افغانستان مان اتحادي فوجن جي نڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پراڪسي وار جو خطرو آهي، نيٽو ڀارت کي افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان خلاف بيس جي طور تي استعمال ڪرڻ کان روڪي برطانوي اخبار دي ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ مشرفچيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن جو ذميوار ڀارت آهي، ياد رهي ته اڳوڻو صدر جنرل (ر) پرويز مشرف پنهنجن ڪيترن ئي بيانن ۾ چئي چڪو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڀارت سڌو سنئون ملوث آهي جڏهن ته افغانستان ۾ به پاڪستان خلاف ڪارروائين ۾ مصروف آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *