ڀارت پاران پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ڪانفرنس جي بائيڪاٽ جو اعلان

نئين دهلي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)  ڀارت ايندڙ مهيني پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ڪانفرنس جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. نئين دهلي ۾ سمورن ڀارتي رياستن جي اسپيڪرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان پاران والاريل ڪشمير جي اسپيڪر کي دعوت نه ڏيڻ تي ڀارتي اسپيڪرز ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ڪانفرنس

۾ شامل نه ٿيندا.اسپيڪرز جو چوڻ هو ته 30 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ڀارت جي سمورن اسپيڪرز کي دعوت موڪلي وئي آهي پر والاريل ڪشمير جي اسپيڪر کي هن وقت تائين دعوت ناهي موڪلي وئي، جڏهن ته ڪامن ويلٿ پارليامينٽري قانونن مطابق گڏيل ملڪن جي سمورن اسپيڪرز کي دعوت نامو موڪلڻو پوندو آهي.لوڪ سڀا(ايوان زيرين) جي اسپيڪر سمترا مهاجن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پاران والاريل ڪشمير جي اسپيڪر کي دعوت نامو نه موڪلڻ، ڪامن ويلٿ پارليامينٽري يونين جي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. جڏهن ته معاملي کي سي پي يو جي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل جي اڳيان اٿاريو ويندو، جڏهن ته ان حوالي سان کيس هڪ خط به لکيو ويو آهي، جنهن  ۾ اها ڄاڻ ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن والاريل ڪشمير جي اسپيڪر کي ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ  جي دعوت نه ڏني وئي ته ٻيا 31 ڀارتي اسپيڪرز به پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيندا، ٻي صورت ۾ ڀارتي اسپيڪرز جي لاءِ ڪانفرنس جو وينيو مٽايو ويندو.ٻئي پاسي پاڪستاني گهرو وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪانفرنس جي باءِ ڪاٽ بابت باضابطا طور تي ڄاڻ ناهي ڏني، ان ڪري ڀارت پاران  باءِ ڪاٽ جو سرڪاري طور تي ڄاڻ ملڻ تي ردِ عمل ظاهر ڪيو ويندو. گهرو وزارت مطابق والاريل ڪشمير تڪراري علائقو آهي ۽ ان جي مستقبل جو فيصلو هڪ راءِ سان ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته والاريل ڪشمير تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جا ٺهراءَ به موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *