ڀارت ٻڌي ڇڏي ته جيڪڏهن ڪنهن قسم جي جارحيت ڪئي وئي ته پاڪستان به چوڙيون ناهن پائي رکيون: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڀارت ٻڌي ڇڏي ته جيڪڏهن ڪنهن قسم جي جارحيت ڪئي وئي ته پاڪستان به چوڙيون ناهن پائي رکيون. سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته ڪلڀوشن وٽ اصل ڀارتي پاسپورٽ آهي، برطانوي ڪمپني به تصديق ڪئي آهي ته ڪلڀوشن جاديو جو پاسپورٽ اصل آهي. سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن جي عمر جي حد کان اڳ 47 سالن جي عمر ۾ ريٽائرڊ ڇو ڪيو ويو، جيڪڏهن پاسپورٽ اصلي هو ته ڪلڀوشن پاڪستان ۾ ڇا ڪري رهيو هو؟ هن چيو ته ڀارت جو موقف آهي ته ڪلڀوشن کي ايران مان پڪڙيو ويو ته ڇا ڀارت ايران کان پڇيو؟ دنيا ڀارتي موقف کي تسليم ناهي ڪري رهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جاديو بابت زبردست ڪيس وڙهيو ۽ زبردست دليل ڏنا، پاڪستان جو ڪيس ڏاڍو مضبوط آهي. هن چيو ته اڄ ڀارت سڄي دنيا ۾ اڪيلو آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان مان واضح ٿي ويو ته دنيا ڀارت جي موقف کي قڀول نه ڪندي. فواد چوڌي چيو ته نريندر مودي ٻڌائي ته هن ڀارتي عوام جي لاءِ ڇا ڪيو؟ مودي اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي وڃي نه ته پاڪستان دشمني جي بنياد تي. هن چيو ته ڀارت طرفان جارحيت جون ڳالهيون ٻاراڻيون آهن، جيڪڏهن جارحيت ٿي ته اسان به چوڙيون ناهن پاتيون، پاڪستاني عوامي پنهنجي فوج ۽ حڪومت سان گڏ آهي. هن چيو ته ڀارتي فورسز طرفان ڪشميرين جو نشانو بڻجڻ تي اسان کي سخت ڳڻتي آهي، اسان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ واڌ نٿا چاهيون، پلواما واقعي تي وزير اعظم ڀارت کي جاچ ۽ ڳالهين جي واضح آڇ ڪئي آهي. سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته اسان ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ چاهيون ٿا ڇڪتاڻ نٿا چاهيون، پر جيڪڏهن توهان چڙ ڏياريندا ته ساڳي ٻولي ۾ جواب ڏنو ويندو، ۽ جيڪڏهن توهان ڳالهيون ڪندا ته اسان ان جي لاءِ به تيار آهيون. فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڀارت جي رويي جي مذمت ڪئي وئي، پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڪشميري تي ڀارتي ظلمن جي به مذمت ڪئي وئي. هن چيو ته بي جي پي ۽ ٻين پرتشدد پارٽين طرفان ڪشميرين ۽ ڀارتي مسلمانن کي نشان بڻائڻ تي ڳڻتي آهي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري جي حوالي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته نيب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي گرفتار ڪيو، سراج دراني جي گرفتاري جو وفاقي حڪومت سان ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته نيب پنجاب مان اسان جي سينيئر وزير عليم خان کي گرفتار ڪيو پر اسان سمجهون ٿا ته احتساب کي سياست سان جوڙڻ نه گهرجي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *