
لاهور: امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق جو چوڻ آهي ته ڀارت ٻڌي وٺي، اسان ستل ناهيون، ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين، پاڪستان جو هر ٻار شينهن ۽ نوجوان باز آهن. ايڪسپو سينٽر لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق جو چوڻ هو ته پاڪ فوج کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته 20 ڪروڙ عوام جو اوهان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايل آهي. هن جو چوڻ هو ته ملڪ جي ترقي ۽ سياست ۾ اسلامي جمعيت طلبه هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪري ساهه پٽينداسين، حڪمران ٻڌائين ته ملڪ سنواريو قرض لاهيو جي رقم ڪيڏانهن وئي.