ڀارت ورڪنگ بائونڊري جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: خواجه آصف

سيالڪوٽ(بيورو) ڀارت گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ورڪنگ بائونڊري جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، بچاءُ واري وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت کي ڳالهين لاءِ ورڪنگ بائونڊري تي درجه حرارت گهٽ ڪرڻي پوندي، ڀارت جي دفاعي بجيٽ ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو جنگي جنون جو چٽو ثبوت آهي ڀارت امن ڳالهين ۾ مخلص ناهي ۽ نه ئي ڀارت امن کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، انهن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ جي اراضي يعقوب محلي ۾ ورڪرنر سان ڳالهائيندي ڪيو  خواجه آصف وڌيڪ چيو ته پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو صرف عوامي مفاد لاءِ نه ڪيو، پيٽرول ۽ بجلي جون قيمتون عوام خاطر نه وڌايون حڪومت عوام کي سهولتون ۽ بهتر معياري زندگي فراهم ڪرڻ چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *