ڀارت مسلسل لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اسلام آباد ماتحت عدليه سروس ٽربيونل جي قيام جو بل 2015 لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو، بچاءَ واري وزير خواجه آصف ايوان کي آگاهي ڏني آهي ته ڀارت مسلسل لائين آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارتي فائرنگ  جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 16 شهادتون ٿي چڪيون آهن. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.  اجلاس کي لکت ۾ آگاهي ڏيندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته ڀارتي فوج سيپٽمبر 2014 کان هن وقت تائين هڪ سئو 59 ڀيرا پاڪستاني سرحد تي فائرنگ ڪئي آهي. خواجه آصف چيو ته لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي 14 فوجي ۽ 2 شهري شهيد ٿيا، جڏهن ته 60 شهري ۽ 14 فوجي زخمي به ٿيا هئا. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير پرويز رشيد ماتحت عدليه سروس ٽربيونل جي قيام جو بل 2015 پيش ڪيو.  اسپيڪر بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪندي اجلاس سومر شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *