
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪو به شڪ شبهو ناهي ته بلوچستان ۾ پرڏيهي طاقتون ملوث آهن. هڪ بيان ۾ پرڏيهي ترجمان شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت مسئلا حل ڪرڻ بدران بهانا ڪري رهيو آهي، نئين ايندڙ ڀارتي حڪومت مان اميد آهي ته دانشمنداڻا فيصلا ڪندي. هن چيو ته ڀارت جا ارادا ناڪام بڻائڻ تي بلوچستان جي عوام جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي ارادن کي سمجهڻو آهي ۽ ان لاءِ تيار رهڻو پوندو، ڀارتي اڳرائي خلاف سمورا اختلاف وساري متحد آهيون، پاڪستان جي ڪوشش آهي ته ڇڪتاڻ جي صورتحال کي بهتر ڪيو وڃي.