ڀارت طرفان پاڪستاني ٻيڙي کي تباهه ڪرڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڀارت طرفان پاڪستان جي هڪ ٻيڙي کي تباهه ڪرڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي وفاقي حڪومت کان واقعي جي فوري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته ڀارت طرفان سمنڊ اندر بين الاقوامي حدن اندر موجود پاڪستاني ٻيڙي جي تباهي مذمت جوڳو عمل آهي. پاڪستاني ٻيڙي کي اڳواٽ وارننگ ڏيڻ کانسواءِ تباهه ڪرڻ ڀارت جو جارحاڻو عمل آهي جيڪو عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته ڀارت پنهنجي ڪوسٽ گارڊز جي جارحاڻي عمل کي لڪائڻ لاءِ ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن کي دهشتگرد قرار ڏنو ۽ چيو هو ته ٻيڙي ۾ سوار ماڻهن ٻيڙي کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. عمران خان چيو ته سندس ڄاڻ مطابق اها ٻيڙي غريب پاڪستاني مهاڻن جي هئي جيڪي روزگار سانگي مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *