ڀارت سمجهوتا ايڪسپريس واقعي جي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي:پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، ڀارت کان سمجهوتا ايڪسپريس واقعي جي جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز ملاقات ۾ سمورن مسئلن تي ڳالهايو ويندو پر ان حوالي سان اڃا تاريخ طئي ناهي ٿي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان تسنيم اسلم هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس تي حملي کي 8 سال گذري ويا پر ڀارت ان ۾ ملوث جوابدارن خلاف اڃا تائين ڪارروائي ناهي ڪئي. تسنيم اسلم چيو ته ڀارت سمجهوتا ايڪسپريس واقعي ۾ ملوث دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻــَي. پرڏيهي ترجمان چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان پنهنجو پرڏيهي سيڪريٽري اسلام آباد موڪلڻ وارو بيان سٺو سنئوڻ آهي. تسنيم اسلم چيو ته پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽريز ملاقات ۾ سمورن مسئلن تي ڳالهايو ويندو پر ان حوالي سان اڃا تاريخ طئي ناهي ٿي. هن چيو ته افغانستان جو امن ۽ استحڪام پاڪستان لاءِ اهم آهي، ان ڪري هــُو افغانستان ۾ امن عمل ۾ سهولتڪار طور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ افغان قيادت سان مفاهمتي عمل جي حمايت جاري رکي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *