ڀارت سان ڳالهين جي عمل ۾ فوري اڳڀرائي جو امڪان ناهي: پرڏيهي صلاحڪار نه آهي: سرتاج عزيز

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي پرڏيهي مشير سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت سان ڳالهين واري عمل ۾ جلد اڳڀرائي جو ڪوئي امڪان نه آهي ڳالهيون ڀارت ختم ڪيون شروع به ان ئي کي ڪرڻيون آهن ڌرڻن ۽ احتجاجي سياست سان سرمائيڪاري ۾ گهٽتائي آئي آهي اميد آهي ته ٻن کان چار هفتن۾ ملڪ سياسي استحڪام طرف ويندو. اڱاري تي پاڪستان سوسائٽي آف ڊيولپمينٽ جي سالياني اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي مشير سرتاج عزيز چيو ته ڀارت ڪشمير جي معاملي کي دهشتگردي سان ملائي اصل مسئلي تان توجهه هٽائڻ چاهي ٿي ڀارت سان ڳالهين ۾ جلد اڳڀرائي جو ڪوبه امڪان نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *