ڀارت سان لاڳاپا اميد جي ابتڙ آهن، ڀارت جو ڳالهين جي ميز تان ڀڄڻ سمجهه کان ٻاهر آهي: نواز شريف

بحرين (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپا اميد ۽ خواهش جي ابتڙ آهن، سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته ڀارت ڳالهين جي ميز تان ڇو ڀڳو پر ٻُڌ سُڌ اها آهي ته والاريل ڪشمير ۾ جيڪي چونڊون رٿيل هيون، انهن جي ڪري ڀارت فرار چاهيو، دهشتگردي خلاف سڄي قوم کي جنگ وڙهڻي پوندي، آپريشن جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن. بحرين ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ميڙ کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته بحرين سان لاڳاپن ۾ بهتري جي خواهش آهي ۽ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهي لاڳاپا وڌيڪ بهتر ٿين، هن چيو ته بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني بحرين جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نواز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ حالتون بهتري ڏانهن وڌي رهيون آهن ۽ جلد بجلي بحران سميت ٻين بحرانن تي ضابطو آندو ويندو، تيل جون قيمتون ٽيهه سيڪڙو گهٽايون آهن، جنهن سان به عام ماڻهو رليف محسوس ڪري رهيو آهي. نواز شريف جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب جا سٺا نتيجا نڪري رهيا آهن ۽ ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا آهن. هن چيو ته تازو افغان صدر اشرف غني سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران کيس ڏاڍي خوشي ٿي ته هن جا به دهشتگردن خلاف ويچار ساڳيا هئا، مثال طور کيس ان ڳالهه تي بيحد خوشي آهي ته جڏهن هن اشرف غني کي چيو ته لاڳاپن ۾ نئين پيج جو اضافو ڪجي ته اشرف غني کيس چيو ته نئون پيج ڇو نئون ڪتاب ڇو نه؟ نواز شريف بجلي ۽ توانائي جي منصوبن بابت به بحرين ۾ مقيم پاڪستانين کي تفصيل سان بريفنگ ڏني. نواز شريف چيو ته طالبان سان ڳالهيون شروع ڪيوسين پر جڏهن ڪراچي ايئرپورٽ تي حملو ڪيو ويو ته طالبان سان ڳالهين جا در هميشه لاءِ بند ٿي ويا. نواز شريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين قربانيون ڏنيون، دهشتگردي سبب ملڪي معيشت کي اربين رپين جو نقصان ٿيو. نواز شريف ڀارتي جارحيت جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشني ۾ حل ڪيو وڃي. نواز شريف ملٽري ڪورٽس جي حمايت به پاڪستانين کي بريف ڪيو ۽ کين ٻڌايون ته اهڙين عدالتن جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي ۽ انهن جي قيام سان دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *