ڀارت سان جلد ڳالهيون بحال ڪرڻ چاهيون ٿا: خواجه آصف

بيجنگ (اي پي پي) بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف افغان مسئلي جي پرامن نبيري ۽ مضبوط توڙي مستحڪم افغانستان لاءِ چين جي ڪوششن ۽ قدمن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ خطي جي سلامتي لاءِ هڪ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان ضروري آهي، امن ۽ استحڪام ذريعي ئي پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي فائدن مان صحيح معنيٰ ۾ لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو، گذرگاهه سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، اها ڳالهه هن آچر ڏينهن بيجنگ ۾ جيانگ شان فورم جي افتتاحي ويهڪ کي ”علائقي دهشتگردي، سبب ۽ حل“ جي عنوان تي خطاب ڪندي ڪئي، هن چيو ته چين افغانستان جي مسئلي جي پرامن حل ۽ مستحڪم افغانستان لاءِ فعال ۽ موثر ڪوششون ڪري رهيو آهي، جيڪو سٺو سنوڻ آهي، هن خطي جي عوام جي بنيادي خدشن جي ازالي جي ضرورت تي زور ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ عسڪريت پسند عنصرن کي لاڳاپيل معاشرن ۾ جاءِ ملي ٿي، بچاءَ واري وزير دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوابي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ان سان گڏ هن هڪ جامع سماجي، اقتصادي ۽ سياسي سڌارن واري پيڪيج جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو، هن دهشتگردي جي سمورين صورتن جي مذمت ڪئي ۽ عالمي برادري کي چيو ته اها خطي مان دهشتگردي جي بنيادي سببن جي تدارڪ ۽ ازالي لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائي، بچاءَ واري وزير ڪشمير ۽ فلسطين جهڙن مسئلن جي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن خطن ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ٿي رهيون آهن، عالمي برادري کي انهن علائقن ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو ازالو ڪرڻ گهرجي ۽ انهن واعدن تي عمل ڪرڻ گهرجي جيڪي اتي جي عوام سان ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پاڪستان افغان جنگ دوران 30 لک جي لڳ ڀڳ افغان ڀائرن کي پناهه ڏني، افغانستان ۾ عدم استحڪام جا خراب اثر پاڪستان تي پيا آهن ۽ پاڪستان متاثر ٿيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جي 60 هزار جي لڳ ڀڳ شهرين جون جانيون ويون آهن، جڏهن ته اربين ڊالرن جو نقصان پڻ ٿيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *