ڀارت روس سان 48 ايم آءِ 17 هيليڪاپٽرن جي خريداري ۽ آڪاش ميزائل جي تياري جي منظوري ڏئي ڇڏي

نئين دهلي (اي پي پي) ڀارت روس سان 48 ايم آءِ 17 وي فائيو هيليڪاپٽرن جي خريداري ۽ زمين تان هوا تائين مار ڪندڙ ميزائل آڪاش جي تاري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي دفاعي وزير هيليڪاپٽرن جي خريداري ۽ ميزائل جي تياري جي منطوري ڏئي ڇڏي آهي. ڀارت اٽڪل هڪ ارب ڏهه ڪروڙ ڊالر ماليت جا 48 ايم آءِ 17 وي فائيو هيليڪاپٽر روس کان خريد ڪندو جڏهن ته آڪاش ميزائل جي تياري تي چار ارب 79 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ خرچ ٿيندو. ڀارت فرانس سان رافيل ويڙهاڪ جيٽ جهاز جي خريداري ۾ به دلچسپي رکي ٿو. ڊفينس ايڪوزيشن ڪائونسل دفاعي وزارت جا اهم فيصلا ڪندي آهي. اهو اجلاس نئين دهلي ۾ ٿيو جنهن ۾ رافيل جهازن جي قيمت طئي ڪندڙ ڪميٽي ڪائونسل کي بريفنگ ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *