ڀارت دهلي ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 337 رنسن تان هارائي سيريز 0-3 تان کٽي ورتي

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت ڏکڻ آفريقا کي چوٿين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ 337 رنسن جي واضه مارجن تان شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان کٽي ورتي. ان ڪاميابيءَ سان ڀارتي ٽيم عالمي رينڪنگ ۾ آسٽريليا کان ٻين پوزيشن کسيورتي. ڏکڻ آفريقن ٽيم 481 رنسن ج وهدف حاصل نه ڪري سگهي ۽ سڄي ٽيم 143 رنسن تي ڍير ٿي وئي. اي بي ڊي وليئرز 43 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو. روي چندرن ايشون 5 رانديگرن کي ائوٽ ڪيو. اجنڪيارا کي ٻنهي اننگز ۾ سينچريون ٺاهڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته ايشون سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنوويو. گذريل ڏينهن تي فيروز شاهه ڪوٽله دهلي ٽيسٽ ۽ پنجين ۽ آخري ڏينهن آفريقا پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز 72 رنسن 2 رانديگر آئوٽ تي ٻيهر شروع ڪئي ته هاشم آمله 23 ۽ اي بي ڊي وليئرز 11 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا. آمله گذريل ڏينهن اسڪور ۾ رڳو 2 وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪيرايون. بعد ۾ وقفي وقفي سان رانديگر آئوٽ ٿيندا رهيا ۽ ڏکڻ آفريقا جي پوري ٽيم 143 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ان کي 337 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست جو مُنهن ڏسڻو پئجي ويو. ڀارت طرفان روي چندر ايشون سڀ کان ڪامياب بالر رهيو. هن 61 رنسن عيوض 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. اميش ياديو 3 ۽ روندرا جديجا 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *