ڀارت جي ٿاڻيداري ۽ ڪنهن به قسم جي اجاره داري قبول نه آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ڀارت جي ٿاڻيداري ۽ ڪنهن به قسم جي اجاره داري قبول نه آهي، امن تي يقين رکون ٿا پر ڪنهن به قسم جي خطري ۽ دراندازي جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ ان جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو، ڪو ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته پاڪستان کي دٻائي سگهجي ٿو، پاڪستان جي موقف کان سڄي دنيا کي آگاهه ڪيو ويندو ۽ 5 اهم ترين ملڪن ۾ خصوصي نمائندا موڪليا ويندا، گڏيل قومن جي ملٽري آبزرورز کي سرحدي علائقن جو دورو ڪرايو ويندو، ڀارت پاران ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي، ڌرڻا هڻندڙ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ مفادن کي تماشو نه بڻائين، آمريڪا کي ڊرون حملن جو خوف آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي پنگاهن تي حملا ڪن. هو ڪالهه جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جو وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد پڻ موجود هو. گهرو وزير چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت جي اشتعال انگيز گولاباري ۽ فاٽا ۾ ملٽري آپريشنز بحث هيٺ آيا ۽ وڌيڪ ڌيان ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي گولاباري تي رهيو. هن چيو ته پاڪستان اڳ ۾ به ۽ اڄ به امن ۽ ڳالهين کي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو اصل رستو سمجهي ٿو. پاڪستاني حڪومت گذريل عرصي دوران ان سلسلي ۾ ڪيترائي اهم قدم کنيا. پاڪستان جي وزيراعظم جي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ انتهائي اهم قدم هو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون ان سان ٻنهي ملڪن ۾ اها اميد پيدا ٿي ته لاڳاپا بهتر ٿين. ان دوران سيڪريٽري سطح تي ڳالهين جو فيصلو ٿيو پر ڪجهه مهينن جي واقعن امن ۽ ڳالهين جي راهه ڳوليندڙن کي مايوس ڪيو ۽ ڀارت پاران سيڪريٽري سطح تي ڳالهين جو فيصلو بنا جواز طور تي واپس ورتو ويو جڏهن ته حريت اڳواڻن سان پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي ملاقات معمول جي ڳالهه هئي ۽ ڪا اڻ ٿيڻي نه هئي. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي اشتعال انگيز ۽ بنا جواز انڌاڌنڌ فائرنگ ۽ گولاباري ڪئي وئي، اها معمول جي فائرنگ نه هئي، ٻئي طرف کان ڀاري هٿيار استعمال ڪيا ويا جنهن سان 13 قيمتي جانين کانسواءِ ڪيترائي شهري زخمي ۽ گهر تباهه ٿيا. هن چيو ته قومي سلامتي جي اجلاس ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام، سياسي پارٽين، هٿياربند فوج ۽ سمورو معاشرو ان ڳالهه تي متفق آهي ته اسان امن ۽ ڀائيچاري جي ذريعي معاملن جو حل ڪڍڻ جي لاءِ تيار آهيون پر ڪنهن قسم جي ٿاڻيداري يا اجاره داري اسان کي قبول نه آهي پوءِ ڀلي اها سياسي هجي يا ملٽري يا اسٽريٽجڪ، هن چيو ته اسان امن تي يقين رکون ٿا، اسان جي لاءِ اها ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته جڏهن پوري قوم عيدالاضحيٰ ۾ مصروف هئي ته ان موقعي تي ٻئي طرف کان انڌاڌنڌ گولاباري ڇو ڪئي وئي؟ اسان ان ڳالهه تي به حيران آهيون ته اهڙي قسم جي فائرنگ جو ڪو نه ڪو مقصد هوندو آهي، پاڪستان جو سمورو ڌيان اتر ۾ ملٽري آپريشن تي آهي جنهن ۾ پاڪستاني فوج جو وڏو حصو مصروف آهي ۽ وڏي ڪاميابي سان اهو آپريشن جاري آهي، اهڙين حالتن ۾ ڀارت پاران اهڙي قسم جي مهم جو ڪهڙو مقصد آهي؟ هن چيو ته ٻئي طرف کان يقينن ڪو مقصد آهي ان لاءِ اشتعال انگيز فائرنگ ڪئي وئي، اسان جون سموريون پاليسيون خاص طور تي پاڙيسري ملڪن سان امن ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي آهن. ان سلسلي ۾ پاڪستان جو وزيراعظم تمام گهڻو اڳيان وڌيو آهي ۽ ماضي جون تلخيون وساري امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي پر ان جو هرگز مطلب اهو نه آهي ته اسان غيرملڪي تسلط قبول ڪنداسين. اجلاس ۾ پاڪستان فوج پاران ان يقين ۽ عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪنهن به پرڏيهي خطري ۽ دراندازي جو مقابلو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ۽ هن فورم فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به مهم ۽ دراندازي جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو، ڪو ان غلط فهمي ۾ نه رهي ته عسڪري طاقت يا زوربازو سان پاڪستان کي دٻائي سگهجي ٿو. هن خطي جو بنيادي مسئلو ڪشمير آهي، ڳالهين سان ئي ان مسئلي جي حل طرف وڌي سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي ائٽمي طاقتون آهن ۽ ٻنهي تي وڏيون ذميواريون آهن، ڪو طاقت ذريعي هڪ ٻئي کي ختم نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ فوج يمداخلت يا مهم جوئي کان پاسو ڪيو وڃي ۽ اهو سبق ٻئي طرف جي حڪمرانن کي سکڻ گهرجي. هن چيو ته هڪ طرف ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي گولاباري جي ماحول کي برپا ڪري رکيو آهي ته ٻئي طرف ڀارتي وزيرن جي چڙ ڏياريندڙ بيانن حالتن کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي جنهن جو گذريل سالن ۾ مثال نه ٿو ملي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان جي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو هر حال ۾ تحفظ ڪيو ويندو ۽ پاڪستان جي حڪومت، فوج ۽ عوام ان جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ۽ اڄ جي اجلاس جو اهو ئي پيغام آهي ته اسان اڃا به امن جي رستي تي هلي سمورا مسئلا حل ڪرڻ چاهيون ٿا اهو ئي پاڪستان، ڀارت ۽ پوري دنيا جي مفاد ۾ آهي. ڀارتي گولاباري جي جواب بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي ته ڇا گولاباري جي جواب ۾ گل نڇاور ڪيا ويندا آهن، رينجرز ۽ فوج ڀارتي گولاباري ۽ فائرنگ تي موثر جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي بندوقن کي خاموش ڪرايو آهي ۽ اسان جو اهو ئي پيغام آهي ته اسان جنگ شروع ڪرڻ وارا نه آهيون پر ٻئي طرف کان ڪارروائي ڪئي وئي ته جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪستان حڪومت پاران وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکي ڀارت پاران ڪيل خلاف ورزين کان آگاهه ڪندو ۽ ان جو ڌيان حل طلب مسئلن طرف ڇڪرائيندو جنهن سبب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تلخي موجود آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته سالن کان پيل قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشمير ۽ ٻين حل طلب مسئلن جي حوالي سان دنيا کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ 5 اهم ترين ملڪن ۾ خصوصي نمائندا موڪلن جو فيصلو ڪيو آهي، انهن ملڪن کي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ۽ صورتحال بابت بريف ڪيو ويندو، ان کانسواءِ پرڏيهي آفيس ۾ اهم ملڪن جي سفير نکي گهرائي انهن کي به صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ من موهن سنگهه جي گذريل سال ملاقات ۾ اهڙا قسم جا واقعا روڪڻ جي لاءِ ڊي جي ايم اوز جي وچ ۾ ميٽنگ ۽ رابطن جي تجويز ڀارت پاران آئي هئي جن کي اسان منظور ڪيو هو. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارت پاران فائرنگ ۽ گولاباري کانپوءِ جڏهن فوجي آفيسرن جي سطح تي ٻئي طرف ڳالهه ڪئي وئي ته اتان ڪا خاص ڳڻتي يا ردعمل سامهون نه آيو جيڪو ڪنهن به امن پسند ملڪ طرف کان اچڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي فوجي مبصرن کي سرحدي علائقن ۾ وٺي ويندو ۽ انهن کي درخواست ڪندو ته هو جاچ ڪري پتو لڳائين ته فائرنگ ڪيئن شروع ٿي ۽ ڪير ان جو ذميوار آهي؟ جڏهن ٻنهي طرفنک ان الزام لڳي رهيا هجن ته غيرجانبدارا آبزرورز ئي فيصلو ڪري سگهن ٿا، اسان جو اهو فيصلو اسان جي ديانت ۽ سچائي جو مظهر آهي ته اسان گڏيل قومن جي ملٽري آبزرورز کي سرحد تي وٺي وڃڻ جي لاءِ بيچين آهيون، پر شايد ڀارت ڪجهه لڪائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته فوجي سطح تي ٻنهي ملڪن جي لوڪل ڪمانڊرز جي رابطي ۾ ٻئي طرف کان ڪنهن قسم جي ڳڻتي جو اظهار نه ڪيو ويو نه ئي حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جو اشارو مليو، اسان جي تصديق ٿيل اطلاع آهي ته اهو سڀ هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي فوج دنيا جي اعليٰ ترين فوجن مان آهي، پاڪستان کي عسڪري لحاظ کان ڪنهن به طرح مرعوب نه ٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ پاڪستان جي مفاد کي پوءِ ڀلي افغانستان جي صورتحال هجي يا ڀارتي سرحد جي آسپاس کان ڌڪ پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته حڪومت جو آءِ ڊي پيز جي معاملي تي پورو ڌيان آهي، بنون ۾ آءِ ڊي پيز جي ڪئمپ ۾ 15 هزار ماڻهو آهن، ايندڙ ڪجهه هفتن دوران انهن ۾ وڌيڪ اصافو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *