ڀارت جو پاڪستان سان لڳندڙ سرحد تي ريڊار، سينسر ۽ ڪيمرائون لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارت، پاڪستان سان لڳندڙ سرحد وٽ ريڊار، سينسر ۽ ڪيمرا لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق اها ڳالهه ڀارت جي گهرو معاملن واري مملڪتي وزير ڪرن رجيبو لوڪ سڀا ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش سان لڳندڙ سرحد تي ريڊار، سينسر ۽ ڪيمرائون لڳائڻ لاءِ هڪ پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ ائونڊري سوڌو سرحد تي انهن ڏکين علائقن ،جتي ڪنڊيدار تارون لڳائڻ ممڪن ناهي، اتي ريڊار، سينسر، ڪيمرائون ۽ موصلاتي نظام تي ٻڌل هڪ مربوط فني نظام لڳايو وڃي. هن لکت واري جواب ۾ لوڪ سڀا کي ٻڌايو ته شروعاتي طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته پائلٽ پروجيڪٽ پنجاب ، سر ڪريڪ(گجرات)، اولهه بنگال، تري پوره ۽ ڄمون خطن ۾ شروع ڪيو ويو ويندو. ڄمون سرحد تي اهو نظام لڳائڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *