ڀارت جو سنيئر اداڪار يوسف خان عرف دليپ ڪُمار 93 سالن جو ٿي ويو

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني ڄائو ڀارت جو مشهور ۽ سينيئر اداڪار يوسف خان عرف دليپ ڪُمار 93 سالن جو ٿي ويو، دليپ ڪمار 11 ڊسمبر 1922ع تي  پشاور پيدا ٿيو.سندس پهرين فلم “ڀاٽا” 1944ع ۾ رليز ٿي هئي، جيڪا باڪس آفيس تي ناڪام ٿي وئي، جنهن کانپوءِ شوڪت حسين رضوي کيس پنهنجي بهترين فلم “جُگنو” ۾ جڳهه ڏني، هي فلم 1947ع ۾  رليز ٿي هئي ۽ هن فلم ۾ ميڊم نورجهان دليپ ڪُمار جي هيروئن بڻي،فلم“جُڳنو” کانپوءِ  دليپ ڪُمار پوئتي نه هٽيو ۽ بهترين هدايتڪارن سان گڏ ڪم ڪيو،جنهن  ۾ محبوب خان، نتن بوس،بمل رائي،بي آر چوپڙا،يش چوپڙا ۽ سڀاش گئي  جهڙا هدايتڪار شامل آهن.جنهن  سان گڏجي  هن بهترين فلمون ديوداس، مدهومتي، رام۽شيا،آدمي، سگينه، شڪتي، ودهات، گوپي ۽ مشعل شمال ۾ ڪم ڪيو.دليپ ڪمار 8 ڀيرا فلم فيئر ايوارڊ حاصل ڪيو، پاڪستان حڪومت 1997ع ۾ کيس نشان امتياز ڏنو.بهترين اداڪاري تي دليپ ڪمار کي دادا صاحب ڦالڪي ايوارڊ سان به نوازيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *