ڀارت جو سمجهوتا ايڪسپريس ۽ ٿر ايڪسپرين بحال ڪرڻ جو مطالبو رد، آرمي چيف ۽ عمران خان هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن: شيخ رشيد

لاهور (اين اين آءِ) وفاقي وزير شيخ رشيد احمد اعلان ڪيو آيه ته جيستائين مان ريلوي جو وزير آهيان سمجهوته ۽ ٿر ايڪسپريس نه هلندي ڀارت سان ڳالهين جا سمورا دروازا بند ٿي چڪا آهن اسان جنگ جي ڳالهه نٿا ڪريون پر هاڻي قرض لاهڻ جو وقت اچي ويو آهي ڪشميري اسان جي رت جو هصو آهن مودي سياسي آپگهات ڪيو آهي هن فيصلي سان ڀارت جي معيشت، ثقافت، سيڪيولرازم، آئين ۽ ورلڊ فيم تباهه ٿي ويئي آهي عمران خان ۽ قمر جاويد باجوا هڪ گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن (ن) ليگ ۽ پ پ پ رليف وٺڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن کين ڪشميرين ۽ فلسطينين سان ڪائي محبت نه آهي انهن جو رڳو اهو مطالبو آهي ته اسان کي ڇڏيو ٻاهر وڃڻ ڏيو منهنجي اطلاع مطابق ٻنهي بنا ڪنهن ذڪر ۽ لکت جي ٿرڊ پارٽي جي ذريعي پئسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي اهي جيڪا عمران خان رد ڪري ڇڏي آهي وزيراعظم رٿابندي وزارت کي 15 ڏينهن اندر ايم ايل ون جي پي سي ون ۽ فزيبلٽي جي منطوري جي هدايت ڪئي آهي عيد کان پوءِ چڪوتي ۽ نيلم وادي جو دورو ڪندس اهڙن خيالن جو اظهار هن ريلوي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو شيخ رشيد چيو ته ريلوي جي فيڪٽرين ۾ ملازمن جي حاضري لاءِ بايوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آي ۽ هي 30 آگسٽ کان شروع ٿي ويندو جيڪو ملازم ان جي پاسداري نه ڪندو ان جي پگهار ڪاٽي ويندي ۽ ان کان جند به ڇڏائي سگهجي ٿي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان رٿابندي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته 15 ڏينهن اندر ايم ايل ون ۽ پي سي ون ۽ فزيبلٽي جي منطوري ڪرائي وڃي چين سان اسان جالاڳاپا سٺا آهن وزراعظم عمرانخ ان ۽ آرمي چيف کي چين ۾ عزت ۽ مان مرتبو حاصل آهي اسان جي ڪوشش آهي ته ان تي بهترين ٽرمز ۽ ڪنديشن کي طئي ڪريون ۽ ان مختلف مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو ريلوي جي سمورن مسئلن جو حل ايم ايل ون منصوبو مڪمل ڪرڻ آهي هن چيو ته ڪشمير جي آزادي جي جدوجهد ۾ لال حويلي جو جيڪو ڪردار آهي مان 13 آگسٽ تي رات 12 وڳي هڪ منٽ تي خطاب ڪندس 14 ۽ 15 آگسٽ تي لنڊن ۽ مانچيسٽر ۾ خطاب ڪندس جڏهن ته عيد کان پوءِ چڪوٿي ۽ نيلم وادي جو دورو ڪندس ڪشميرين پنهنجي رت سان آزادي جي شمع کي روشن ڪيو آهي ۽ هي روشن رهندي پاڪستان جي ڪشميرين سان ڪمنٽمينٽ آهي ۽ اسان انهن سان گڏ بيٺا آهيون. هن چيو ته طالبان سکن، برٽش، روس، ۽ آمريڪا کي شڪست ڏني آهي هاني آمريڪا کي طالبان کان وڌيڪ وڃڻ ۾ تڪڙ آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته معاهدو گهڻو ويجهو آهي ۽ ٿي ويندو، طالبان، ايران ۽ چائنيز سنجيدگي سان سوچين ٿا ۽ پوءِ ڪائي ڳالهه ڪن ٿا عمران ان جي ڪوشش آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ طالبان جو ٺاهه ٿئي ٿو ته ان ۾ فائدو پاڪستان کي ٿيندو ڇو ته اسان دنيا ۾ اڪيلا نٿا رهي سگهون. هن چيو ته هاڻي ٻهارو ڦري ويو آهي هاڻي ڪنهن جو وارو اچي ٿو شڪر اهي جو آصف زرداري به بلاول کي مرد چئي ڇڏيو آهي ۽ اسان ان تي ڪوئي تبصرو ناهي ڪيو هن چيو ته (ن) ليگ تباهي جي جنهن ڪناري تي پهتي آهي ان جوڪريڊٽ مريم نواز ڏانهن وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *