راولپنڊي (اين اين آءِ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشيمر ۾ بي گناهه ڪشميرين تي ظلم سان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪر ي رهيو آهي، پاڪ فوج ۽ رينجرز ڪنهن به اڳرائي جو منهنٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهي، هميشه پاڪستاني عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جمعي تي لاهور ڪريزن جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي آمد کانپوءِ آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي، آرمي چيف ڪور هيڊڪوارٽر ۽ پاڪستان پنجاب رينجرز جي هيڊڪوارٽر ۾ آپريشنل تيارين ۽ ٻين معاملن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪندي ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي فوج پاران سيز فائر جي خلاف ورزين جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي پنجاب رينجرز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، ان کانپوءِ آرمي چيف لاهور گرينز ۾ آفيسرن کي خطاب ڪيو، هن چيو ته پاڪ فوج ۽ پنجاب رينجرز اندروني سيڪيورٽي جي خدشن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته ورڪنگ بائونڊري تي به ڀارتي فائرنگ جو موثر جواب ڏنو آهي، هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم پاڪ فوج جي مڪمل حمايت ڪري رهي آهي ۽ ان جي ڪردار جو اعتراف ڪري ٿي، پاڪ فوج ۽ رينجرز سرحد تان ٿيندڙ اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پوري طرح تيار آهي، لاهور پهچڻ تي ليفٽيننٽ جنرل صادق علي آرمي چيف جي آجيان ڪئي.