ڀارت جهاز ڪرڻ ۽ پائليٽ جي پاڪستان ۾ گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي پرڏيهي وزارت پنهنجي ونگ ڪمانڊر اڀي نندن جي مگ 21 اڏائڻ ۽ اڃا تائين موٽي نه اچڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ونگ ڪمانڊر اڀي نندن مگ 21 تي اڏام ڀري پر هو اڃا تائين ناهي موٽيو. اڀي نندن ڀارت جي هڪ ريٽائرڊ ايئرمارشل جو پٽ آهي. ڀارتي ميڊيا بعد ڀارتي پرڏيهي وزارت به چيو آهي ته سندن مگ 21 جهاز ڪريو آهي ۽ ان جو پائليٽ گم آهي.  ڀارتي پرڏيهي وزارت موجب پاڪستان دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ڄاڻايل پائليٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڀارتي هوائي فوج جي جنگي جهازن اڄ صبح لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن تي پاڪ هوائي فوج فوري طور تي ڪارروائي ڪندي ٻن ڀارتي جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ٻن پائليٽن کي گرفتار ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *