ڀارت جا 63هين قومي ايوارڊز تقريب، امتياڀ بچن بهترين اداڪار، ڪنگنا رناوت بهترين اداڪاره قرار

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اسٽار اميتاڀ بچن ڀارت جي 63هين ايوارڊ تقريب ۾ بهترين اداڪار جڏهن ته ڪنگنا رناوت بهترين اداڪاره جو ايوارڊ حاصل ڪري ورتو، ڀارتي اخبار جي رپروٽ موجب امتياڀ کي بهترين اداڪار جو ايوارڊ فلم ”پيڪو“ ۾ ادڪاري تي جڏهن ته ڪنگنا رناوت کي ”تنو ويڊز منو ريٽرنز“ ۾ اداڪاري تي ڏنو ويو، تقريب ۾ سنجي ليلا ڀنسالي کي فلم باجي رائو مستاني تي بهترين ڊائريڪٽر جو ايوارڊ ڏنو ويو، بهترين فلم ”باهو بلي“ کي بيسٽ فلم قرار ڏنو ويو، ايوارڊ تقريب جو حقدار قرار ڏيڻ جي حوالي سان سفارشون ڊائريڪٽر راميشن سپي ۽ ڊائريڪٽر ستيش ڪوشڪ تيار ڪيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *