ڀارت بي ڏوهي شهرين کي نشانو پيو بڻائي: نواز شريف

اسلام آباد (م.ڊ) وزيراعظم نواز شريف ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جي صبر باوجود ڀارت بي ڏوهين کي نشانو پيو بڻائي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته وطن جي بچاءَ لاءِ پنهنجون حياتيون ڏيندڙن کي قوم سدائين ياد رکندي. اسان جي صبر باجود ڀارت بي ڏوهي شهرين کي نشانو رهيو آهي. ڪا به ذميوار رياست بي ڏوهين، خاص طور تي ايمبولينس تي حملي جي اجازت نٿي ڏئي سگهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *