ڀارت اقتصادي لنگهه رٿا پوري ٿيندي نه ٿو ڏسي سگهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڀارت پاڪ – چين اقتصادي لنگهه کي پورو ٿيندي نه ٿو ڏسي سگهي، اسان کي سياڻپ سان ان رٿا خلاف ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻا پوندا. اسلام آباد ۾ نيشنل ڊفيسن يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته ڪيترائي ٻيا ملڪ به اقتصادي  لنگهه رٿا کان چڙيل آهن، جڏهن ته ان رٿا بابت ڀارت تمام گهڻي نامناسب طريقي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، ڇو ته اهو ان رٿا کي پورو ٿيندي نه ٿو ڏسي سگهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستان سمورن چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، دهشتگردي جي حوالي سان صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته پاڪستان جو عوام امن ۽ خوشحالي چاهي ٿو، پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪي بچاءَ لاءِ قدر جوڳيون قربانيون ڏنيون آهن.ڪانووڪيشن کي خطاب ڪرڻ کانپوءِ صدر ممنون حسين ڪامياب ٿيل شاگردن ۾ سندون پڻ ورهايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *