اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ڀارتي گهرو وزير ايس جي شنڪر جا الزام رد ڪندي چيو ته ڀارتي وزير جو بيان ڪوڙو آهي ۽ ان جي عيرذميواراڻي سوچ جو مظاهرو ۽ غير ذميواراڻو بيان آهي، سرحد تي ڪنڊيدار تار لڳل آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڪنهن دهشتگرد جي وڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جيڪڏهن ڀارتي گهرو وزير وٽ ڪو ثبوت آهي ته اهو ڏي، نور مقدم قتل ڪيس جي جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل آهن سمورا جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪنداسين. محرم ۾ فول پروف سيڪيورٽي جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. محرم ۾ سمورا عذادار ڪرونا ايس او پيز تي عمل ڪن، داسو بس حملي بابت ڪيس ۾ پاڪستاني ادارن ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي جنهن بابت پرڏيهي وزير جڏهن مناسب سمجهندو آگاهه ڪيو ويندو ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته ڀارتي گهرو وزير کي بيان ڏيڻ کان ته نٿو روڪي سگهجي پر اسان جون همدرديون والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي واري جدوجهد سان آهن پر پاڪستان پاران ڪائي مداخلت نٿي ٿئي ان جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي. شيخ رشيد ٻڌايو ته نور مقدم قتل ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار ظاهر جعفر ۽ ان جي والدين جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌا ويا آهن هن ٻڌايو ته اي سي ايل بابت اجلاس ۾ نور مقدم قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا آهن. هن چيو ته بايو ميٽرڪ ٽيڪنالوجي جي استعمال کان اڳ ٺهيل 70 لک سڃاڻپ ڪارڊز جي تجدديد ڪئي ويندي هن چيو ته ان وقت آڱوٺي جي نشان وارو نظام نه هو ۽ هٿ سان آئي ڊي ڪارڊ ٺهندا هئا ان لاءِ ان وقت جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي ويا هن چيو ته اهڙا سمورا ڪارڊ رد ڪيا پيا وڃن ۽ جن آفيسرن ان ۾ مدد ڪئي کين نادرا مان ڪڍيو پيو وڃي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي خواهش آهي ته سماٽ سڃاڻپ ڪارڊ کي وڌايون ۽ هي ئي ڪارڊ هٿيار، ڊرائيورنگ لائسنس لاءِ استعمال ٿي سگهي ته جيئن ٻين ڪارڊن ۾ جند ڇٽي وڃي هن چيو ته سمورن صوبائي چيف سيڪريٽريز، آئي جيز کي هدايت ڪئي وئي ته عذادارن کي فول پروف سيڪيورٽي ڏين ۽ اڄ کان قبائلي ضلعن ۾ ٿري جي ۽ فور جي تي پابندي آهي. جيڪا 10 محرم تائين جاري رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته محرم جي موقعي تي سيڪيورٽي جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.