ڀارتي گهرو وزير ڊي جي رينجرز پنجاب کي سرحد تي فائرنگ ۾ اڳرائي نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي: ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ

نئين دهلي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت مواصلاتي رابطا بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪري ورتو، ڀارتي دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي گهرو وزير راج ناٿ ڊي جـِي رينجرز پنجاب کي سرحد تي فائرنگ ۾ اڳرائي نه ڪرڻ جي خاطرر ڪرائيآهي. نئين دهلي ۾ پاڪستاني وفد ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل عمر فاروق برڪي جي قيادت ۾ ڀارتي گهرو وزير راج ناٿ سنگهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪنٽرول لائين۽ ورڪنگ بائونڊري تي جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن مواصلاتي رابطا بهتر بڻائڻ تي اتفاق پڻ ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي گهرو وزير چيو ته ڀارت سمورن پاڙيسري ملڪ سان دوستيءَ وارا لاڳاپا چاهي ٿو، ڀارتي فوج سرحد تي فائرنگ ۾ اڳرائي نه ڪندي. هن چيو ته ڀارت وانگر پاڪستان به دهشتگرديءَ جو شڪار آهي، دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ٻنهي ملڪن کي متحد ٿيڻو پوندو. راج ناٿ سنگهه چيو ته پاڪستان کي يقيني ڏيارڻو پوندو ته دهشتگرد ان جي سرزمين تان ڀارت ۾ داخل نه ٿيندا. ڀارتي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان سان ڳالهيون چاهي پيو پر بدقسمتي سان گذريل مهيني ٻنهي ملڪن جي قومي سلامتي بابت صلاحڪارن جي ملاقات نه ٿي سگهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *