ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ميلبرن(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو ذريعن مطابق آسٽريليا کان سيريز هارائڻ کانپوءِ مهيندر سنگهه ڌوني ٽيسٽ ڪرڪيٽ مان فوري طور تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز جي آخري ميچ ۾ هو حصو نه وٺندو، ان جي جاءِ تي ويرات ڪوهلي قومي ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته ون ڊي ۽ ٽي 20 ۾ ڪپتاني جون ذميواريون نڀائيندو، ياد رهي ته مهيندر سنگهه ڌوني ڪرڪيٽ ٽيم جو سڀ کان ڪامياب ڪپتان مڃيو ويندو آهي جنهن جي قيادت ۾ ڀارت سڀ کان گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *