ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي مٿان عورت کي هراسان ڪرڻ جو الزام

 

ممبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد شامي مٿان سوشل ميڊيا تي هڪ عورت هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي صوفيا نالي عورت پنهنجي پوسٽ ۾ محمد شامي جي پيغام جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪو مون کي ٻڌائي سگھي ٿو ته 1.4 ملين فالورز رکندڙ اهو اڻ ڄاتل ڪرڪيٽر مون کي ڇو هر هر ميسيج ڪري رهيو آهي.عورت جي پوسٽ تي موجود اسڪرين شاٽ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته عورت کي هر هر تنگ ڪندڙ ڪو ٻيو نه پر ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شامي آهي ۽ اهو سندس آفيشل اڪائونٽ آهي.صوفيا نالي عورت جي پوسٽ ٿيڻ کان پوءِ واهپيدارن محمد شامي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، هڪ واهپيدار لکيو ته اهو ئي سبب آهي جو محمد شامي ٽيم کان ٻاهر آهي، جڏهن ته هڪ ٻئي واهپيدار لکيو ته سڀ شامي کي ڳولي رهيا آهن ۽ شامي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو آهي.واضح رهي ته محمد شامي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات کان ئي تڪراري رهيو آهي، ان کان اڳ محمد شامي تي سندس زال به غير عورتن سان لاڳاپا رکڻ ۽ ميچ فڪسنگ جو الزام لڳايو هو. محمد شامي ميچ فڪسنگ جي الزامن مان ته بري ٿي ويو هو پر سندس زال هن کان ڌار ٿي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *