
ممبئي(اسپورٽس نيوز)ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا پنهنجي فٽنيس جي بحاليءِ لاءِ 22 ڪلو وزن گهٽائي ورتو آهي.ڀارتي ٽينس اسٽار پنهنجي فٽنيس جي بحاليءَ لاءِ روزانو 5 ڪلاڪ جم ۾ سرگرم رهڻ لڳي آهي.ثانيه مرزا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن وقت تائين هن پنهنجو وزن 22 ڪلوگرام گهٽائي ورتو آهي.پٽ اذهان جي پيدائش کانپوءِ ٽينس ميدان ۾ واپسي جي خواهشمند ثانيه مرزا جو چوڻ آهي ته هن سخت محنت ڪري وزن گهٽايو آهي.هن چيو ته هوءَ هاڻي آسٽريلوي ٽينر رابرٽ بالارڊ جي نگراني ۾ دبئي ۾ فٽنيس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.ثانيه مرزا جو چوڻ هو ته آگسٽ ۾ ٽينس ميدان ۾ واپس اچي يو ايس اوپن جي تياري ڪرڻ چاهي ٿي.