ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ مارٽينا هنگز عالمي رڪارڊ ٺاهڻ جي ويجهو

دوحا(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ۽ مارٽينا هنگز لاڳيتو ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي 41 هين ميچ تائين پهتيون.ٽاپ جوڙي ۾ هلندڙ عورتن واري ٽينس ايونٽ جي ٻئي رائونڊ کان سفر شروع ڪيو،پهرين ميچ ۾ چين جي رانديگرياڻين کي دلچسپ مقابلي ۾ 6.4 4.6 ۽ 4 .10 تان مات ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي،هلندڙ سال ثانيا مرزا ۽ هنگز جي جوڙي اڄ تائين 4 ٽائيٽل کٽي چڪي آهي.ثانيا مرزا ۽ هنگز جي جوڙي برسبين،سڊني کانپوءِ آسٽريلين اوپن ۽ پوءِ سينٽ پيٽرزبرگ ۾ چيئمپين بڻجڻ ۾ ڪاميابي ماڻي  آهي،لاڳيتو ڪاميابين جو عالمي رڪارڊ هاڻي انهن کان 4 مچن جي مفاصلي تي آهي.1990ع ۾ جانا نووٽنا ۽ هلينا سوڪووا ڊبل فگر ۾ لاڳيو 44 ميچون کٽيون هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *