
لاهور (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا زندگيءَ جون 30 بهارون ڏسي ورتيون آهن، جنهن تي سندس عزيزن، مائٽن ۽ مداحن پاران نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو آهي. ثانيا مرزا سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير اپلوڊ ڪئي آهي، جنهن ۾ هوءَ ڦوڪڻن سان کيڏي رهي آهي ۽ ان سان گڏ هن لکيو آهي ته ”سالگرهه واري صبح، نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندڙن جي مهرباني“.