ڀارتي ٽيم لاءِ خراب خبر، آل رائونڊر رائنا فٽنيس مسئلن سبب ڪيويز خلاف پهرين ون ڊي مان آئوٽ

ڌرم شالا (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو آل رائونڊر سريش رائنا بيماري سبب نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي انٽرنيشنل ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي، ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندي، بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) طرفان جاري ڪيل بيان مطابق رائنا بيمار ٿي پيو آهي ۽ ڊاڪٽرن ان کي آرام جو مشورو ڏنو آهي، جنهن جي ڪري ڪيويز خلاف پهرين ون ڊي نه کيڏي سگهندو، اميد آهي ته هو ٻئين ون ڊي لاءِ مڪمل فٽ ٿي ويوندو، ياد رهي ته رائنا آخري ڀيرو آڪٽوبر 2015ع ۾ ون ڊي ميچ ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *