ڀارتي وومين ڪرڪيٽر سشما ورما کي ڊي ايس پي جي نوڪري ملي وئي

نئين دهلي(اسپورٽس نيوز) ڀارت جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرياڻي سشما ورما کي ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جي مڃتا طور هماچل پرديش رياست ۾ ڊي ايس پي مقرر ڪيو ويو آهي. هماچل پرديش جي وزيراعليٰ وير بهادر سنگهه ڪرڪيٽر سشما ورما کي پوليس کاتي ۾ ڊي ايس پي طور مقرريءَ جو آرڊر ڏنو ۽ ۵ لک رپيا انعام سان پڻ نوازيو. ان موقعي تي سشما وزيراعليٰ جا ٿورا مڃيندي چيو ته پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ سندس ننڍپڻ جو خواب رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *