ڀارتي وزير اعظم پاڪستان سان تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ ڪرڪيٽ ڊپلوميسي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو

بمبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي پاڪ ڀارت تعلقات کي بهتر بنائڻ لاءِ پاڪستان سان ڪرڪيٽ ڊپلوميسي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب حڪمران جماعت ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀارتي وزير اعظم پاڪستان سان تعلقات بهتر ڪرڻ لاءِ ڪرڪيٽ ڊپلوميسي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ڀارتي وزير اعظم جو چوڻ هو ته  پاڪ ڀارت سيريز شروع ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند آهي. ڀارتي ميڊيا موجب نريندر مودي جي ڪرڪيٽ ڊپلوميسي شروع ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ ڪيترن ئي پارٽي ڪارڪنن طرفان اعتراض سامهون آيو آهي پر بي جي پي هڪ رڪن آر ڪي سنگهه ۽ سابق ڪرڪيٽر ۽  پارٽي جي موجوده  ميمبر پارليامينٽ ڪرتي آزاد به ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز  کيڏڻ جي مخالفت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *