ڀارتي هڪ طرفو عمل سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي: فردوس عاشق

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪشمير جو عوام آزادي واري تحريڪ ۾ عظيم قربانيون ڏئي رهيو آهي، پاڪستاني قوم آزادي جي تحريڪ ۾ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، ڀارتي هڪ طرفو عمل سلامتي ڪونسل جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي آهي، ڪشميري انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي طاقتن کي مدد لاءِ سڏي رهيا آهن، مودي سرڪار جي قدم سان ڀارت جي نقلي سيڪيولر ازم وائکو ٿي ويو، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد نه ڇڏيندو، هن چيو ته ڪشمير جي مسئلي کي هر عالمي فورم تي اٿاريندا رهنداسين، هن چيو ته ڀارتي قدم علائقائي امن تي خراب اثر وجهندو، ڀارت آرڊيننس ذريعي ڪشميرين کي يرغمال بڻائڻ جو ڪڌو قدم کنيو، ڪاغذ جي ٽڪڙي کي والاريل ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *